رضوي سيد قاسم علي شاهه

رضوي، سيد قاسم علي شاهه: نامياري عالم، شاعر مولوي سيد قاسم علي شاهه ولد سيد علي اڪبر شاهه رضويءَ جو تعلق ڪشمير جي هڪ رضوي خاندان سان هو. سندس مورث اعليٰ سيد موسيٰ ميرڪ جي مزار ايران جي شهر ’قم‘ ۾ آهي، هو ڪشمير مان لڏي ڪيترا سال ڪوهاٽ ۾ اچي رهيو، جتي دين جي تبليغ ڪيائين. مولوي سيد قاسم علي شاهه ڪوهاٽ ۾ رهڻ ڪري ’ڪوهاٽي سيد‘ جي لقب سان مشهور ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ڪوهاٽ مان لڏي پشاور ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتان وري پنجاب جي استاد ذاڪرين سيد علي شاهه جي معرفت خيرپور ۾ آيو ۽ ڪوٽڏيجيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. کيس ميرن پاران رياست خيرپور جو مفتي مقرر ڪيو ويو. سندس تعلق فقھ جعفريه سان هو. سندس تصنيفن ۾ فقھ جعفريه جا ڪتاب ۽ حاشيه لکيل آهن، جيڪي سندس پوٽي مرحوم سيد محمد علي شاهه ’جوهر‘ وٽ محفوظ هئا. سرائيڪيءَ ۾ سيف الملوڪ جي داستان جو منظوم ترجمو سندس اعليٰ پايي جي سخنوريءَ جي ساک ڀري ٿو. مولوي صاحب وڏو مبلغ ۽ مقرر ٿي گذريو آهي. محرم شريف جي ماتمي جلوسن ۾ دهلن ۽ نغارن وڄائڻ جو رواج ختم ڪيائين ۽ مذهبي ڪمن ۾ اصلاح آندائين. مولوي سيد قاسم علي شاهه رضوي 4 ربيع الاول 1337هه/ 1916ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڪوٽڏيجي شهر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو